نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) نيويارڪ ۾ پاڪستاني هوٽل روزويلٽ 31 آڪٽوبر کان بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي آءِ اي جي ملڪيت واري هن هوٽل ۾ 52 سيوٽس سميت 1025 ڪمرا آهن. هوٽل جي ويبسائيٽ تي اهڙو اعلان ڪيو ويو ۽ بعد م پيغام هٽايو ويو. پي آءِ اي هي هوٽل 1970 ۾ خريد ڪيو هو، انتظاميا هوٽل بند ڪرڻ جا ڪارڻ نه ٻڌايا آهن، هوٽل مالي بحران جي ور چڙهيل آهي. حڪومت اڳ ۾ نجڪاري جو فيصلو ڪيو هو ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خريداري ۾ دلچسپي به ظاهر ڪئي هئي.










