اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد پي آءِ اي نجڪاري ۽ خساري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جعلي ڊگري رکندڙ ملازمن کي هڪ هڪ ڪري ڪڍنداسين ۽ رياستي ادارن کي بند ٿيڻ نه ڏينداسين. عدالت عظميٰ ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي نجڪاري ۽ نقصان واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ان دوران قومي ايئر لائين جو وڪيل نعيم بخاري، اڳوڻو معاون خصوصي شجاعت عظيم جو وڪيل پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد طرفان سخت رمارڪس ڏيندي چيو ته جعلي ڊگري جا ڪيس به هتي ٻڌنداسين ۽ جعلي ڊگري رکندڙ ملازمن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ۽ انهن کي اداري مان ڪڍيو ويندو. ٻڌڻي دوران پي آءِ اي جي وڪيل نعيم بخاري عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته پي آءِ اي تي 426 ارب رپين جو قرض ٿي ويو آهي نئين انتظاميه پي آءِ اي جي بحالي ۽ خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان جي بحالي جو هي آخري موقعو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ارشد محمود کي ڪم کان روڪي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چيو ته آخري موقعو ڇو پي آءِ اي ڇو نه ٿي هلي سگهي پي آءِ اي نوان جهاز خريد ڪري رهيو آهي يا نه؟ جنهن تي نعيم بخاري چيو ته پي آءِ اي وٽ پيسا هوندا ته جهاز خريد ڪندو. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏنا ته پي آءِ اي کي ملندڙ مالي بيل آئوٽ پيڪيج مهينن ۾ ختم ٿي وڃي ٿو. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا ته هڪ جهاز لاءِ 700 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن پي آءِ اي کي ادارو هلائڻ اچي ٿو يا نه؟ نجڪاري جون ڳالهيون قومي اداري سان مذاق آهن اصل ۾ نظرون پي آءِ اي جي نجڪاري تي نه پر نيويارڪ تي آهن رياستي اداري کي بند ٿيڻ نه ڏينداسين. چيف جسٽس گلزار احمد ملازمن جي جعلي ڊگرين بابت تفصيلات طلب ڪندي رمارڪس ڏنا ته پي آءِ اي ملازم الخير يونيورسٽي کان ڊگريون حاصل ڪيون آهن ۽ الخير يونيورسٽي تعليمي سرٽيفڪيٽ وڪڻي رهي آهي، جعلي ڊگرين جو ڪيس اسان هتي ٻڌنداسين ۽ جعلي ڊگري رکندڙ هڪ هڪ ملازم کي ڪڍنداسين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
ايوب جو لاش ڪڍي ڦاسي ڏني وڃي،خواجه آصف
ڊي جي آءِ ايس پي آر جي سياسي پريس ڪانفرنس رد،9 مئي بهانو هيو
وطن خاطر جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا عظيم شئي ناهي: آرمي چيف
ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا منظور، بجلي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ لاٿ،احتجاج جاري
آرمي چيف کي خط لکڻ جو فيصلو،مروت سعودي وفد خلاف ڳالهايو
77 اضافي مخصوص سيٽون معطل، نوٽيفڪيشن جاري
نان فائلرز جي موبائل بيلنس مان 100 مان 90 روپيه ٽيڪس ڪٽوتي جو فيصلو
وزيراعظم شهباز شريف پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
ايس ايڇ اوز ٻاهر نڪرن ۽ علائقن کي محفوظ بڻائين: لنجار
منظور ويٽو خاندان سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل
لڪي مروت ۾ آپريشن، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جا 2 دهشتگرد مارجي ويا
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي،انڊيڪس 74 هزار جي حد پار
ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، پاڪستان جي مدد جاري رهندي: مشن چيف
پي ٽي آءِ جو آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙن جي حمايت جو اعلان
آزاد ڪشمير جي مسئلن جي حل لاءِ 3 ارب رپين جي منظوري
ڪڻڪ اسڪينڊل، ايم ڊي ۽ جي ايم پاسڪو معطل،ايپ تيار ڪريو
حساس ۽ ڳجهي معلومات ظاهر ڪندڙن خلاف ڪاراوئي جو فيصلو
سنڌ جي عوام لاءِ انقلابي قدم کڻي رهيا آهيون، شرجيل ميمڻ
هٿيارن جي نمائش ڪندڙ 5 سيڪيورٽي گارڊ گرفتار
امتحانن دوران لوڊشيڊنگ جو نوٽيس،بنا وقفي بجلي ڏيڻ جو حڪم