اسلام آباد)بيورورپورٽ) قومي ايئر لائن پي آءِ اي هلندڙ سال حج لاءِ فلائيٽ آپريشن ۽ خانگي حج ڀاڙن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پي آءِ اي ترجمان موجب ڏکڻ ريجن جي خانگي حاجين جو ڀاڙو 870 کان 1180 ڊالر جڏهن ته اتر ريجن لاءِ 910 کان 1220 ڊالر تائين ڀاڙو هوندو. ترجمان موجب ڏکڻ ريجن ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، سکر، حيدرآباد ۽ نارٿ ريجن ۾ لاهور، اسلام آباد، پشاور، ملتان ۽ ٻيا شهر شامل آهن.ترجمان جو چوڻ آهي ته مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري حج تي ويندڙ حاجين جي ڀاڙن جو اعلان ڪندي.سرڪاري حج تحت حاجين جو ڀاڙو 3 لک 10 هزار کان 3 لک 30 هزار رپيا رکڻ جو امڪان آهي، پي آءِ اي 38 هزار کان وڌيڪ حاجين کي حجاز مقدس پهچائيندي، 44 هزار کان وڌيڪ سعودي ايئرلائنز ۽2 نجي ايئر لائنز کان حجاز باقي حاجين کي حجاز مقدس روانو ڪيو ويندو پي آءِ اي جده ۽ مديني لاءِ حج فلائيٽ آپريشن لاءِ بوئنگ 777 ۽ ايئر بس 320 استعمال ڪندي جڏهن ته پي آءِ اي 21 مئي کان 2 آگسٽ تائين حج فلائيٽ آپريشن جاري رکندي.










