پيڪا ترميمي آرڊيننس واپس وٺو، ايم ڪيو ايم جو مطالبو

پيڪا ترميمي آرڊيننس واپس وٺو، ايم ڪيو ايم جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اتحادي ايم ڪيو ايم پاڪستان پڻ مطالبو ڪيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ڪرائم روڪٿام ايڪٽ (پيڪا) آرڊيننس واپس وٺي. ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير امين الحق پيڪا آرڊيننس جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هو ترميمن سان متفق نه آهن ڇو ته ان ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي. امين الحق چيو ته هو بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ قانونن جي حمايت نٿا ڪري سگهن، هو اتحادي آهن پر عوام جي بنيادي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيم سان تعلق هجڻ ضروري آهي. خط ۾ وفاقي وزير وڌيڪ لکيو ته کيس اميد آهي ته وزيراعظم صحافين جي تنظيمن ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان نيون ترميمون جاري ڪندو، جيڪڏهن تنظيمن ۽ ماهرن جي راءِ ورتي وڃي ها ته بهتر ترميمون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته صحافت رياست جو چوٿون ستون آهي ۽ هر حڪومت ميڊيا سان لاڳاپن جو ناجائز فائدو وٺندو رهيو آهي، ترميمي آرڊيننس سبب صحافين ۽ ميڊيا تنظيمن حڪومت خلاف سخت احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. امين الحق چيو ته وزيراعظم عمران خان پي ڪي اي ترميمي ايڪٽ خلاف احتجاج جو آواز ٻڌي ۽ پي ڪي اي آرڊيننس فوري طور واپس وٺي. ياد رهي ته اٽارني جنرل بئريسٽر خالد جاويد خان وزيراعظم عمران خان کي پيڪا آرڊيننس تي بريفنگ ڏيندي چيو هو ته موجوده صورتحال ۾ پيڪا آرڊيننس لاڳو نٿو ٿي سگهي. سياسي پارٽين، وڪيلن ۽ صحافين جي تنظيمن هن آرڊيننس کي اسلام آباد ها3 ڪورت ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو