ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ٽنڊو محمد خان شھر جي پيپلز ڪالوني جي رھواسين ڀيڻن ۽ ڀائرن پنھنجي وڏي ڀاه خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مظاھرين مسمات فاطمه پرھياڙ ؛ مسمات نجمه پرھياڙ ؛ مسمات ڪلثوم پرھياڙ ؛ عمران پرھياڙ ۽ ڪامران پرھياڙ ڌاھيندي چيو ته اسانجو سڳو ڀاه پرويز پرھياڙ جنھن اسانجي خانداني ملڪيت تي قبضو ڪري مختلف ماڻھن کي وڪڻي ڇڏي آھي ۽ اسان کي پنھنجن گھرن مان بي دخل ڪري ۽ اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ھيسائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي پر اسان کيس ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اسان پنھنجي پي جي ملڪيت تي ڪنھن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين انھن اعلي اختيارين کان پرويز پرھياڙ خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو آھي










