پيپلز پارٽي سنڌ دشمن پارٽي آهي: سيد زين شاھ

نوشھرو فيروز (ن س)پيپلز پارٽي سنڌ دشمن پارٽي آهي هن وقت سنڌ جا سمورا وسيلا ڌارين حوالي ڪري سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي سن ۽ ٻين شهرن ۾ پيپلز پارٽي جي تازي بي ڊي اليڪشن ۾ هار برداش نه ٿي سرعام پوليس گردي ڪري بي گناهن ڪامياب اميد وارن ۽ قومپرستن مٿان ڪوڙا ڪيس ۽ گرفتاريون عمل ۾ آنديون ويون جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي اهڙن خيالن جو اظهار ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ ٺاروشاھ ۾ ايس يو پي جي مرڪزي مالياتي سيڪريٽري مختيار حسين ميمڻ جي ڀيڻ جي وفات تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت ملڪي صورتحال سنگين مسئلن بجلي گئس تيل ۽ مهانگائي جي ور چڙهي ويو آهي پر حڪمرانن وٽ ڪا به پاليسي نه آهي سواء ڪرپشن ۽ لٽ مار جي تازو مينهن متاثرين ۽ ٻوڏ متاثرين کي هٿ سان سنڌ جي ماروڙن کي ٻوڙهي در بدر ڪري ٻاهران آيل امداد ڪرپشن جي ور چاڙهي پنهنجا ٻڀ ڀريا جڏھن ته موٽر وي ميگا اسڪينڊل به اوهان جي سامهون آهي زرداري ليگ جا واٽا ڪک پتي مان ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن هن چيو ته زرداري مافيا سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا به قصر نه ڇڏي آهي هاڻي سنڌ جي شعور ۽ آيندي کي اهيو سوچڻو پوندو ته هو اليڪشن ۾ سنڌ دوستن کي ووٽ جي ذريعي انقلاب جي صورت ۾ ڪامياب ڪرائي ته جيئن ڪرپٽ حڪمرانن جو خاتمو آڻي سنڌ کي ترقي طرف ڌڪي سگهجي ان موقعي تي ايس يو پي جي ڄام اسلم ڪوريجو ٺاروشاھ سٽي صدر فرحان سومرو ڪاشف سيال منو منگي خادم سيال مهر وسطڙو صحافي ايم ايم عباسي بشارت سومرو راشد ميمڻ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو