پيپلز پارٽي حڪومت جي اتحادي آهي، حمايتي ناهي: حسن مرتضيٰ

پيپلز پارٽي حڪومت جي اتحادي آهي، حمايتي ناهي: حسن مرتضيٰ

شيخوپوره (ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي پنجاب جي سيڪريٽري جنرل سيد حسن مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي حمايت سبب پيپلز پارٽي کي نقصان پهتو.شيخوپوره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت جي اتحادي آهي، حمايتي نه،سيد حسن مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حمايت جو فيصلو سياست لاءِ نه پر رياست کي بچائڻ لاءِ ڪيو ويو هو،هن چيو آهي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب نه ٿينديون، ڳالهيون صرف هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ آهن،پيپلز پارٽي پنجاب جو سيڪريٽري جنرل اهو به چوي ٿو ته پيپلز پارٽي پنجاب ۾ اڀرندي.

پهنجو تبصرو موڪليو