اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ڪورونا جو شڪار ٿي ويو.خورشيد شاهه ٻڌايو ته بخار ۽ کنگهه ٿيڻ تي اڄ صبح ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا هاڪاري آئي.هن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي هدايت موجب پاڻ کي آئسيوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.










