اسلام آباد(اياز مهر) اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر اڪرم دراني پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر بخاري سان ملاقات ڪئي آهي. شيري رحمان جي پارليامينٽ واري چيمبر ۾ ٿيل ملاقات ۾ ش کانسواءِ فيصل ڪريم ڪنڊي به موجود هو. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن چيو ته نا اهل موجود حڪومت کي ۽ پوزيراعظم کي گهر موڪلڻ تي تفاق آهي پر هٽائڻ جي طريقه ڪار بابت ٻنهي ڌرين ۾ تجويزون بحث هيٺ آهن. واضح رهي ته مولانا فضل الرحمان اعلان ڪيو هو ته هو آڪٽوبر ۾ اسلام آباد ڏانهن آزادي مارچ ڪندو ۽ اهو حڪومت هٽائڻ تائين اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪندو. مسلم ليگ (ن) سندس لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو هو پر بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته سندس پارٽي ڌرڻا سياست کان پري آهي پر هن ساڳئي وقت مولانا فضل الرحمان جي حڪومت مخالف تحريڪ جي سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو اعلان ڪيو هو.










