پيپلزپارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جي حصول لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، شازيه

پيپلزپارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جي حصول لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، شازيه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري چيوآهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ بالادستي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ 18 آڪٽوبر سانحي کي 15 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به ڪارساز واقعي ۾ شهيدن جي عظيم قربانين کي ياد ڪيو وڃيٿوـ 18 آڪٽوبر2007ع تي ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي استقبال لاءِ پهتا ۽ شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو جي ڊگهي جلاوطني کانپوءِ وطن واپسي تي عوام جي سمنڊ سندس تاريخي آجيان ڪئي ـ شازيه مري جو چوڻ ھوته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وطن واپسي تي ماڻهن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ جهڙو هو ۽ استقبال دوران ٻهڌماڪاٿيا جنهن ۾ 180 ڄڻا شهيد ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا ھئاـ ھن چيو ته اڄ به جڏهنڪارساز سانحي جي شهيدن جا اهي سمورا منظر ياد اچن ٿا ته ڏک ٿئي ٿوـ اسان اڄ به شهيدن جي عظيم قربانين کي ياد ڪريونٿا ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪريونٿا ۽18 آڪٽوبر سانحو انهن عظيم قربانين مان هڪ عظيم قرباني جو ڏينهن آهي ـ ھن چيو ته ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ سمورن شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿاـ

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو