ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي گذريل 15 سالن جي خراب حڪمراني سبب سنڌ ۾ ڌاڙيلن، قاتلن، وڊيرن ۽ ڪرپٽ آفيسرن جو راڄ قائم ٿي چڪو آهي. حڪومت ۽ سڪيورٽي ادارا سنڌ جي عوام جي صبر جو امتحان وٺي رهيا آهن، ڪشمور ۾ بدامني خلاف ديرا موڙ ڪشمور ۾ شهرين ۽ واپارين پاران لڳايل ڌرڻي جي حمايت ڪندي مطالبو ڪيون ٿا مغوي ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، مُکي جگديش ڪمار ۽ معصوم جئہ ديپ ڪمار ۽ ٻين کي فلفور بازياب ڪرايو وڃي، ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاھ چيو ته ڪشمور ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق گهري رهيا آهن، ڌاڙيلن کي تحفظ ڏيڻ بجاء قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي، رياست امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، هن چيو ته سنڌ جي پرامن علائقن جو امن ڪنهن به صورت ۾ خراب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، سنڌ ۾ ھڪ سازش تحت حالات خراب ڪرڻ جي سازشون ڪيون پيون وڃن جنهن سبب عوام عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ داڙيلن کي مقامي سردارن ۽ وڏيرن جي سرپرستي حاصل آهي جيڪا اغوا جي انڊسٽري هلائي رهيا آهن، عام شهري توڙي پوليس اهلڪار به محفوظ ناهن، هڪ طرف مهانگائي ٻئي طرف هٿرادو بدامني سنڌ واسين کي منجهائي ڇڏيو آهي، اڄ ڌرتي ڌڻي پنهنجو ڪاروبار بند ڪري پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ ڌرڻا هڻڻ تي مجبور بڻيل آهن، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، سيد زين شاھ چيو ته مغوين جي باحفاظت واپسي تائين لڳل ڌرڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا ڪارڪن ۽ عهديدار ڀرپور شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪن، سيد زين شاھ چيو تہ اسان پرزور مطالبو ڪيون ٿا تہ فوري طور تي ڪشمور ضلعي ۾ ڌاڙيلن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف وڏي پيماني تي فوجي آپريشن شروع ڪيو وڃي.










