پيپلزپارٽي جو ايم پي اي سيد علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو

پيپلزپارٽي جو ايم پي اي سيد علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو

عمرڪوٽ (الله بخش آريسر) پاڪستان پيپلزپارٽي جو سينئر اڳواڻ، اڳوڻو صوبائي وزير ايم پي اي سيد علي مردان شاهه 65 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز اڄ رات 10 وڳي سندس اباڻي ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ ادا ڪئي ويندي. واضح رهي ته سيد علي مردان شاهه عمر ڪوٽ مان 6 دفعا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيل، 2 دفعا  صوبائي وزير رهڻ سان گڏ پيپلزپارٽي جو ضلعي صدر به رهيو. مرحوم جي انتقال تي ضلعي ڀر ۾ سوڳ واري فضا ۽ شهرين پنهنجا ڪاروبار بند ڪري ڇڏيا. مرحوم کي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. پاڻ صوبائي وزير سيد سردار علي شاه جا ماما هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو