پيٽرول 2 رپيا 10 پيسا، ڊيزل 30 پيسا مهانگو

پيٽرول 2 رپيا 10 پيسا، ڊيزل 30 پيسا مهانگو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 2 رپيا 10 پيسا في ليٽر وڌي وئي. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 392 رپيا 76 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ پڻ 30 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 399 رپيا 64 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي. پيٽروليم شين جون نيون قيمتون 3، 4 ۽ 5 آڪٽوبر لاءِ لاڳو هونديون. واضح رهي ته حڪومت گذريل ڏينهن به پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو