پيٽرول 139 ۽ ڊيزل 116 روپيا في ليٽر مهانگو وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

پيٽرول 139 ۽ ڊيزل 116 روپيا في ليٽر مهانگو وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): سرڪاري دستاويزن مان انڪشاف ٿيو آهي ته ملڪ اندر عام شهرين کان پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي حقيقي لاڳت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٽئڪس ۽ ليوي اوڳاڙي پيٽروليم شين کي انتهائي مهانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي.دستاويزن موجب پيٽرول جي بنيادي پيداواري لاڳت رڳو 197 روپيا 69 پئسا في ليٽر آهي، پر شهرين کان 327 روپيا 62 پئسا في ليٽر وصول ڪيا پيا وڃن، جنهن ۾ 80 روپيا پيٽروليم ليوي، 5 روپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي، 21 روپيا ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ وڏا مارجن شامل آهن.اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي بنيادي لاڳت 264 روپيا 76 پئسا آهي، جڏهن ته ان جي سرڪاري قيمت 380 روپيا 86 پئسا مقرر ٿيل آهي. ڊيزل تي به ليوي، ٽئڪسن ۽ آئل ڪمپنين جي مارجن جي مد ۾ مجموعي طور 116 روپيا في ليٽر اضافي وصول ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو