اسلام آباد(بيورو)حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي ڪندي پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 72 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 6 رپيا 72 پئسا في ليٽر واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 233 رپيا 91 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 51 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 244 رپيا 44 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.گاسليٽ جي قيمت ۾ 1 رپيا 67 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ نئين قيمت 199 رپيا 44 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 43 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 191 رپيا 75 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا. ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به قيمتن ۾ 4 ڊالر في بيرل کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي.برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب برطانوي خام تيل برينٽ خام تيل جي قيمت 4.35 ڊالر گهٽتائي سان 93.80 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. آمريڪي خام تيل جي قيمت ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ 4.23 ڊالر گهٽجي 87.86 ڊالر في بيرل ٿي وئي، آمريڪي خام تيل جي قيمت 5.2 سيڪڙو گهٽتائي سان 87 ڊالر في بيرل ٿي وئي. برنٽ آئل جي قيمت به 5 سيڪڙو گهٽتائي سان 93 ڊالر في بيرل ٿي وئي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن جيو نيوز جي پروگرام ”نئون پاڪستان“ ۾ ميزبان مفتاح اسماعيل کان سوال ڪيو هو ته ڇا سڀاڻي پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿيندي؟ ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون گهٽجي ويون آهن ۽ رپيو به ڪمزور ٿي ويو آهي؟ ان تي هن چيو ته هڪ رپئي جو ڪو به ٽيڪس يا ليوي نه هوندو، ناڻي واري وزارت طرفان ڪو به اضافو نه ٿيندو.










