اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پيٽروليم ڊويزن 20 آگسٽ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 20 آگسٽ کان ڊيزل جي قيمت ۾ 32 روپيا 63 پئسا فی ليٽر وڏي ٻاٽ (رعايت) ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 2 روپيا 97 پئسا فی ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن تحت ڊيزل جي نئين قيمت 363 روپيا 6 پئسا فی ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي نئين قيمت 337 روپيا 51 پئسا فی ليٽر ٿي وئي آهي.










