گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) سرحد باءِ پاس تي ڪراچي کان پنجاب ويندر پيٽرول سان ڀريل ٽينڪر ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب ڪلٽي ٿي پيو، جنهن سبب ڪيترائي ليٽر تيل هارجي ويو، واقعي بعد موٽروي پوليس فوري طور پهچي ڪنٽرول سنڀاليو ۽ عارضي طور باءِ پاس جو هڪ رستو ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، جڏهن ته فائربرگيڊ کي پڻ طلب ڪيو ويو، موٽروي پوليس ڪجهه دير اندر ٽينڪر کي روڊ کان هٽرائي رستو بحال ڪري ڇڏيو.










