پيٽرول جي قيمت ۾ 12 روپيا ۽ ڊيزل ۾ 9 روپيا واڌ

پيٽرول جي قيمت ۾ 12 روپيا ۽ ڊيزل ۾ 9 روپيا واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت 28 فيبروري تائين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 10 کان 12 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، ان واڌ جو مقصد عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي واعدي موجب تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافو ۽ اضافي پيٽروليم ليوي لاڳو ڪرڻ جي اثرن کي پورو ڪرڻ آهي. پيٽروليم شين جون قيمتون هن وقت ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهن ۽ اهو اضافو شايد هڪ ڀيرو ڪيل سڀ کان وڏو اضافو آهي. وزيراعظم عمران خان پاران پيٽروليم شين تي 4 رپيا في ليٽر ليوي وڌائڻ جي منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزارت اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. گذريل 15 ڏينهن ۾ عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمت لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو وڌي 95 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي ايڪس ڊيپو قيمت 147.83 رپيا في ليٽر بدران 159.86 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 12.03 رپيا في ليٽر يا 8.14 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، حڪومت پيٽرول تي 12 رپيا في ليٽر ڪسٽم ڊيوٽي پڻ لڳائي رهي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 9.53 رپيا في ليٽر يا 6.6 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي ايڪس ڊ ڊپو قيمت 144.62 رپيا في ليٽر مان وڌائي 154.15 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي، ايڇ ايس ڊي تي پيٽروليم ليوي کانسواءِ. ڪسٽم ڊيوٽي 12 رپيا في ليٽر، 9 رپيا 30 پئسا في ليٽر مان وڌائي 13 رپيا 30 پئسا في ليٽر ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي ايڪس ڊپو قيمت ۾ به 10.08 رپيا يا 8.65 سيڪڙو واڌ ڪري 116.48 رپيا في ليٽر مان 126.56 رپيا في ليٽر ٿي ويو، گاسليٽ تي پيٽروليم ليوي 1 رپيا کان وڌائي 5 رپيا في ليٽر ڪئي وئي. لائيٽ ڊيزل آئل (ايل ڊي او) جي ايڪس ڊپو قيمت ۾ به 9.43 رپيا يا 8.23 ​​سيڪڙو واڌ ڪري 114.54 رپين مان 123.97 رپيا، لائيٽ ڊيزل آئل تي پيٽروليم ليوي 5.50 رپين مان وڌائي 9.50 رپيا في ليٽر ٿي وئي. سمورن جيٽ فيول جي قيمتن ۾ پڻ واڌ ڪئي وئي آهي. جيٽ فيول يعني جي پي ون جو اگهه 11 رپيا في ليٽر واڌ 140.65 رپيا ٿي وئي آهي. جڏهن ته JP-8 ۽ E-10 ٻارڻ (ايٿانول پيٽرول) پڻ 10 رپيا في ليٽر کان وڌي 157.35 رپيا ٿي ويو آهي، جيڪو انهن ٽن شين ۾ شامل آهي پر GST پيٽروليم ليوي ٽيڪس ان تي شامل ناهي. ناڻي واري وزارت قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اها 2014ع کان پوءِ جي بلند ترين سطح آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته 2014 ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جون مقامي قيمتون 110 کان 120 رپيا في ليٽر جي وچ ۾ هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو