اسلام آباد(بيورو)ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ ڪيتري گهٽتائي ڪئي وڃي، ان تي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن پنهنجا ويچار ونڊيا آهن.جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 100 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري.پي ٽي آءِ اڳواڻ آفتاب جهانگير چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 75 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وڃي.پروگرام ۾ پيٽروليم واري مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته عالمي سطح تي پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ان ڪري عوام کي واعدي موجب رليف ڏنو ويندو.ان حوالي سان ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي سمري تيار ڪئي وئي آهي، وقت ۽ قيمت جو فيصلو وزيراعظم ڪندو.هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي خبرن سبب ڊيلرز خريداري گهٽ ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري اڄ کان پيٽروليم شين جا نوان اگهه لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.










