اسلام آباد: (بيورو) آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 20 روپيه في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي. پاڪستان طرفان آءِ ايم اي ڏانهن اماڻيل خط موجب پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.ذريعن موجب آڪٽوبر کان پيٽروليم شين تي 10.5 سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. جنهن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 20 روپين تائين واڌ جو امڪان آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدي جا معاملا طئي ٿيڻ تي پاڪستان معاهدي تي راضپي واري اظهار جو خط آءِ ايم ايف ڏانهن اماڻيو هو.










