اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ٿيل معاهدي کانپوءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کانسواءِ ڪو به آپشن ناهي رهيو. مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هو تيل جي اگهن ۾ واڌ جي اثرن کان چڱي ريت واقف آهن. هن پيٽرول جي قيمتن ۾ تازي واڌ جو دفاع ڪندي چيو ته حڪومت وٽ پي ٽي آءِ حڪومت پاران ٿيل آءِ ايم ايف معاهدي جي ڪري قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.










