ڪراچي(رپورٽر )گذريل حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪندڙ نواز، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جي گڏيل حڪومت پاڻ عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، هفتي ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مظاهرين دوران پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه شهرن ۾ پتلن کي پڻ باهه ڏئي ساڙيو يوو قمبر، قاضي احمد، گمبٽ، ميرو خان، ٿرڙي محبت، جوهي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا شهرين جو چوڻ آهي ته شهباز حڪومت هفتي دوران مهانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ماضي جي سمورين حڪومت کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي شهرين پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي










