پيٽروليم شين ۾ واڌ عوام تي بم ڪيرائڻ برابر آھي،شيخ

پيٽروليم شين ۾ واڌ عوام تي بم ڪيرائڻ برابر آھي،شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته هڪ فارم 47 جي جعلي حڪومت پاران هڪ مهيني اندر پيٽرول في لٽر14 رپيا ۽ ڊيزل في لٽر17 رپيا مهانگو ڪرڻ سان ملڪ ۾مهانگائي جو نئون طوفان ايندو جنهن سان اڳ ۾ ئي مهانگائي جي ماريل عوام جي چيلهه چٻي ٿي ويندي. عالمي منڊي ۾ في بيرل80 ڊالر کان گهٽ ٿي ڪري 66 ڊالر ٿيڻ باوجود پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو عوام مٿان سراسر ظلم آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سان عوام جي خريداري قوت گهٽ، ڪاروباري سرگرميون ختم ۽ معاشي مشڪلات ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ اضافي سان هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي. ته آءِ ايم ايف جي فرمائش تي موجوده هائبرڊ نظام جي پيداوار ۽ ووٽ چور حڪمرانن پيٽروليم ليوي ۽ غنڊه ٽيڪس في لٽر 100 رپين کان به وڌائي عوام کان زنده رهڻ جو حق به کسي ورتو آهي. موجوده حڪمرانن کي هوئن عوام کان اڳتي ووٽ ملڻ جي اُميد ڪونه آهي انڪري هوءَ اسٽيبلشمينٽ جي ڏڍ تي حڪمراني دوران آمراڻي ۽ ظالماڻي فيصلن ذريعي عوام کان انتقام وٺي رهيا آهن.کنڊ200 رپيا في ڪلو جڏهن ته گيس، پيٽرول سميت عام واهپي وارين شين جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن جڏهن ته جعلي حڪمران ٽولي پاران مهانگائي ختم ڪرڻ جون ڪوڙيون دعوائون ڪري عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هڪ پاسي وزيرن، مشيرن، اسمبلي ميمبرن، اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي پگهارن ۾ 500سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي ته ٻي پاسي سرڪاري ملازمن لاءِ فقط 10 سيڪڙو اضافو ۽ پيٽرول سميت هر شيءِ مهانگي ڪري عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ٿيل اضافو في الفور واپس ورتو وڃي. #

پهنجو تبصرو موڪليو