اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ به پيٽروليم ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. بل موجب، وفاقي حڪومت پيٽروليم شين کي ڊجيٽل طور تي ٽريڪ ڪندي ۽ آئي ٽي ۽ ريئل ٽائيم ذريعي ذخيرن جي نگراني ڪندي. بل ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول جي غير قانوني درآمد، نقل و حمل، ذخيرو ڪرڻ، ريفائننگ يا ملاوٽ ڪرڻ تي 10 لک رپيا جرمانو هوندو، جڏهن ته ٻيهر ڏوهن تي 5 لک رپيا جرمانو لڳايو ويندو.بل موجب، اسمگل ٿيل پيٽروليم شين جي اسٽوريج يا وڪڻڻ ۾ ملوث لائسنس يافته شخص جي اسٽوريج بند ڪئي ويندي.ان کان علاوه، غير قانوني پيٽرول پمپن خلاف پڻ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










