لاهور(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي آسمان تي آهي ۽ بيروزگاري آهي جڏهن ته اسان دل تي پٿر رکي پيٽرول واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مهانگائي جي ڪري عوام تنگ آهي، غريب خاندان روئي رهيا آهن، وٽن دوا ۽ علاج جا پئسا ناهن. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ بيروزگاري به وڌي رهي آهي.وزيراعظم چيو ته غريب هڪ وقت جي ماني لاءِ اڃايل آهن، اسان قومي خزاني مان 28 ارب رپيا ماهوار خرچ ڪري پاڪستان جي ڪروڙين مظلوم عوام کي سبسڊي ڏني آهي.يوم دفاع جي حوالي سان سوال تي شهباز شريف چيو ته نواز شريف ايٽمي ڌماڪن وقت وڏن ملڪن جي سربراهن سان سختيءَ سان نه ڳالهايو، نواز شريف آمريڪي صدر سان تمام گهڻي شفقت سان ڳالهه ڪئي، 5 ارب ڊالرن جي آڇ تي شڪريو ادا ڪيو، نواز شريف چيو هو. انشاالله اسان زنده رهنداسين ۽ اسان کي پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي.










