اسلام آباد(بيورو)پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان اڄ متوقع آهي، وزيراعظم آفيس ناڻي واري وزارت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اوگرا جي سمري ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جي ڪا به تجويز ناهي ڏني وئي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ معمولي واڌ جو امڪان آهي.ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حتمي فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي.ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ازبڪستان ۾ هجڻ سبب پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪالهه نه ٿي سگهيو، اعلان وزيراعظم جي وطن واپسي تي متوقع آهي.










