لاهور: (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ متفرق درخواست داخل ڪئي وئي.اها درخواست جوڊيشل ايڪٽيوزم پينل جي وڪيل اظهر صديق پاران جمع ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ دليل ڏنو ويو آهي ته حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ غير معمولي واڌ ڪئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو هڪ غير قانوني ۽ عوام دشمن قدم آهي، جنهن سان عام شهري سخت متاثر ٿيندا. ان واڌ جي ڪري ٽرانسپورٽ، بجلي، زراعت ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ به نمايان واڌ جو امڪان آهي.درخواستگذار عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.










