لاهور(ويب ڊيسڪ)پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازو واڌ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جڊيشل ايڪٽيزم پينل جي وڪيل اظهر صديق درخواست داخل ڪئي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي، درخواستگذار طرفان هاءِ ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازو اضافو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.










