پيٽروليم شين جي اڄوڪي قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري

پيٽروليم شين جي اڄوڪي قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم ڊويزن اڄ اڱاري 21 جولاءِ لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 71 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 360 رپيا 6 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 35 پيسا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 315 رپيا 80 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي نئين قيمتن جو تعين اوگرا (OGRA) پاران ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو