انقرهه (ويب ڊيسڪ)ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن ائٽمي پاور پلانٽ جو افتتاح ڪرڻ لاءِ ترڪي جو دورو ڪري سگهي ٿو.ترڪ صدر رجب طيب اردگان اها ڳالهه نجي ترڪي ٽي وي تي ڳالهائيندي چئي.سندس چوڻ آهي ته ايندڙ مهيني 27 اپريل تي ترڪي ۾ ائٽمي پاور پلانٽ جو افتتاح ٿيڻو آهي.ترڪ صدر اهو به چيو ته ان موقعي تي اهو به ممڪن آهي ته روسي صدر پيوٽن ترڪي ايندو يا آن لائين پلانٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي ڪمپني ترڪي جو پهريون ايٽمي پاور پلانٽ ٺاهي رهي آهي.










