واشنگٽن(ويب ديسڪ) آمريڪي وزير دفاع صدر ٽرمپ جي ان بيان کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي جنهن م هن چيو هو ته آمريڪا ايران جي 52 جاين کي نشانو بڻائيندو جن م سندن مقدس ثقافتي ماڳ به شامل آهن. هن چيو ته ثقافتي مرڪزن ۽ شهرين کي جنگ ۾ نشانو بنائڻ تي پابندي جو قانون آهي اسين ان جي پاسداري ڪنداسين. جڏهن کائنس صحافين پڇيو ته ڇا اوهان صدر ٽرمپ جي بيان کان لا تعلقي ٿا ظاهر ڪريو ته هن چيو ته اسين قانون جي پاسداري ڪنداسين. ياد رهي ته گذريل ڇنڇر تي صدر ٽرمپ اهو بيان ڏنو هو. جنهن تي آمريڪي ڪانگريس به سندس بيان جي مذمت ڪندي چيو هو ته ڪانگريس جي منظوري کانسواءِ ايران تي حملو نٿو ڪري سگهجي. جنهن بعد ايران چيو هو ته 192 کي به نه وساريو جڏهن آمريڪا ايران جي مسافر جهاز کي نشانو بڻايو هو جنهن ۾ 192 مسافر سوار هئا. ايران تازي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل 13 قسمن جي حملن بابت غور ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ننڍي کان ننڍي مزاحمت جو به فيصلو ڪيو ويو ته اهو به ايترو هوندو جو آمريڪا کي خواب ۾ به ياد رهندو. ايراني پارليامينٽ آمريڪي فوج کي دهشتگرد فوج قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو آهي. ياد رهي ته 3 جنوري تي ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني کي بغداد ايئرپورٽ تي آمريڪا ميزائيل حملي ۾ قتل ڪيو هو. جنهن بعد عراق جي پارليامنيٽ آمريڪي فوج کي ملڪ خالي ڪرڻ لاءِ چيو هو جنهن تي صدر ٽرمپ چيو هو ته هنن ڳري لاڳت سان فوجي اڏا ٺاهيا آهن عراق انهن جي رقم ڀري ڏي ته پوءِ وينداسين. بعد ۾ هن عراق کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن عراقي حڪومت آمريڪي مفادن خلاف ڪجهه ڪيو ته ايران کان وڌيڪ سخت پابنديون هڻنداسين. عراقي وزيراعظم پارليمان ۾ اهو انڪشاف به ڪيو هو ته سعودي عرب خطي ۾ امن جي قيام لاءِ عراق معرفت ايران کي پيغام ڏنو هو جنهن جو لکت ۾ جواب کڻي اچي رهيو هو ته جنرل قاسم کي قتل ڪيو ويو.










