اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي تقريرن، بيانن، نشريات ۽ ٽيلي ڪاسٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پيمرا جي حڪم موجب ٽي وي چينلز عمران خان جا بيان، رڪارڊ ڪيل بيان ۽ تقريرون لائيو نشر نٿا ڪري سگهن. پيمرا سيٽلائيٽ چينلز کي عمران خان جي تقريرن ۽ بيانن تي پابندي بابت حڪم جاري ڪري ڇڏيا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان مسلسل رياستي ادارن تي بي بنياد الزام لڳائي رهيو آهي، سندس تقريرون لائيو يا رڪارڊ نه ٿينديون.پيمرا جي نوٽيفڪيشن موجب عمران خان اشتعال انگيز بيانن ذريعي رياستي ادارن ۽ آفيسرن خلاف نفرت پکيڙي رهيو آهي، هو ادارن خلاف بي بنياد الزام ۽ نفرت انگيز ڳالهيون ڪري رهيو آهي، سندس ڳالهين سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي.پيمرا جو چوڻ آهي ته ٽي وي چينلز عمران خان جو بيان، ڳالهه ٻولهه يا خطاب نشر نه ٿا ڪري سگهن، چاهي لائيو هجي يا رڪارڊ ٿيل، سندس تقريرن ۽ بيانن تي پابندي فوري لاڳو ڪئي ويندي.










