اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن جوابدارن هڪ پيزا ڊليوري بواءِ کي اغوا ڪري مبينا طور تي زيادتي ڪئي ۽ سندس موٽرسائيڪل ۽ پئسا ڦري ويا. 20 سالن جو ڇوڪرو، جيڪو گهر ۾ پيزا فراهم ڪري ٿو، گذريل ڏيڍ سال کان کاڌي جي دڪان سان لاڳاپيل آهي. پوليس موجب نوجوان پيزا ڊليور ڪرڻ لاءِ ڪرامت آباد ويو هو جتي آرڊر پورو ڪرڻ لاءِ گهر ڳولي رهيو هو ته رات 11 لڳي 45 منٽن تي ٻن ڄڻن کيس روڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن هٿياربندن هن کان موٽرسائيڪل ۽ نقد رقم کسي ورتي ۽ بعد ۾ کيس پنهنجي ڪئمپ ۾ وٺي ويا، ساڻس جنسي زيادتي ڪئي ۽ سندس وڊيو وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. بعد ۾ جوابدار نينگر کي پنهنجي ڪمري ۾ بند ڪري سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جڏهن ته ڇوڪرو جوابدار ن کي يقين ڏياريو ته هو واقعي بابت ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو. جنهن بعد کيس وڃڻ ڏنو ويو. واقعي بابت پنهنجي ڪمپني کي آگاهه ڪرڻ بعد متاثر ڇوڪري تحفظ جي اپيل ڪئي، جنهن بعد ڪمپني پوليس سان رابطو ڪيو، جنهن رات 3 وڳي جوابدارن جي ڪئمپ تي ڇاپو هنيو ۽ ڪورال پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو. ٻئي جوابدار شاهد کوکر جي اوطاق تي ڇاپي کان اڳ فرار ٿي ويا آهن.










