نوشھرو فيروز (ڊر) پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن ضلع نوشھرو فيروز پاران سول اسپتال ڪالوني نوشھرو فيروز ۾ انتظاميا جي ملي ڀڳت سان پوليس چڙھائيءَ خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن محمد سعود ٻوھيو اشرف قريشي مجيب الرحمٰن وسطڙو سيد ساجن شاھ محمد سومر قيصر خان حزب الله راڄپر ۽ ٻين چيو ته اسپتالجي نااھل انتظاميا پنھنجي ملازمن سان ماٽيجي ماء وارو سلوڪ ڪري ڪوارٽرن ۽ فليٽن ۾ رھندڙ ملازمن جي گهرن تي پوليس گهرائي انڪروچمينٽ جو بھانو ڪري چادر ۽ چوديوريء جو تقدس پائمال ڪري تذليل ڪئي آھي جنھنجي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا اڳواڻن چيو ته انتظاميا سرڪاري فليٽن ۾ پاڻ ٻاھريان ماڻھو وھاريا آھن اسان ڪڏھن به اھو نه ٿا چاھيون ته ٻاھرين ماڻھن کي اٿاريو پر انھيءَ بھاني اسپتال جي ملازمن کي زبردستي پوليس گردي ڪري سامان کڻائڻ ناجائزي آھي جنھن خلاف اڄ سڄي ضلعي ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو پيو وڃي اڳواڻن گهر ڪئي ته اسپتال جي نااھل انتظاميا خلاف فوري ڪاروائي ڪري ٿيل تذليل جو ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ٻئي طرف ڀريا دالي مورو ڪنڊيارو خانواھڻ دريا خان مري مٺياڻي نيو جتوئي درٻيلو ۽ ٻين شھرن ۾ پڻ نااھل انتظاميا جي خلاف احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا










