ڏهرڪي (وجي ڪمار) ڳوٺ پيراڻو شر جي رهواسي عبدلغفار ولد علي نواز شر جو گمبٽ جي غريب آباد محلي جي رهواسڻ بيبي افشان سومرو ڌيء عبدلحڪيم سان موبائيل فون تي رابطو ٿيڻ بعد هڪ هفتو اڳ ناري گمبٽ مان ڏهرڪي پهچي گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ عبدالغفار ٻڌايو ته اسان جي پرڻي بعد ناري جا وارث عبدالحڪيم ,فهد ,ظهور سومرو اسان جا ويري ٿي ويا آھن جيڪي فون ڪري قتل جو ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن هن چيو ته اسان خوف کان گهر ۾ به نٿا رهي سگهون اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.










