پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج، مائٽن کان خطرو آهي

پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج، مائٽن کان خطرو آهي

ميرپورخاص (ن سنڌ يار) ھڪ مھينو پھرين ھندو مذھب موجب پيار جو پرڻو ڪيو پر مائٽن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، زندگين کي خطرو آھي، تحفظ ڏنو وڃي.اھڙو اظھار تعلقي حسين بخش مري واسڻ عورت شريمتي ستو ڀيل پنھجي مڙس چيتن ڀيل سان گڏ پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪرڻ دوران صحافين اڳيان دانھيندي ڪيو، عورت ستو ڀيل وڌيڪ چيو ته ھڪ مھينو پھرين چيتن ڀيل سان ھندو مذھب موجب شادي ڪئي، مائٽ اھڙي عمل تي سخت مڇريل آھن، ٿرپارڪر جي ڳوٺ راجوڙو واسي مائٽ ڪانجي، امولک، ڪارو، چنديو، ڪرشن ڀيل ۽ ٻيا اسان ٻنھي جي زندگين جا دشمن بڻجي ويا آھن، اسان ٻنھي کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ چاھين ٿا، اسان جي زندگين کي خطرو آھي، خوف سبب دربدري واري زندگي گھاري رھيا آھيون.اھڙي درخواست ميرپورخاص جي عدالت ۾ پڻ ڏني، عدالت پاران اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ باوجود پوليس تحفظ فراھم نه ڪري رھي آھي، مائٽن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي.عورت ۽ سندس مڙس آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي زندگين کي تحفظ ڏنو وڃي ته جيئن خوشي سان آزاد زندگي گذاري سگهون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو