نئون ڪوٽ (پيارعلي نهڙيو) بلوچ پاڙي مان پيار پرڻو ڪرڻ لا نڪتل جوڙي نوجوان محمد سهيل بلوچ ۽ ناري ناديه بلوچ ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ورتو. جوڙي تحفظ لاءِ پريس ڪلب نئون ڪوٽ پهچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان پاڻ ۾ ماروٽ آهيون ڪافي وقت کان هڪ ٻئي کي چاهيندا هئاسون اسان نينهن جو ناتو وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لا گهران نڪري پيار جي شادي ڪئي آهي ڪو پاپ ناهي ڪيو آهي پر اسان ٻنهي کي جدا ڪرڻ لاءِ پيار جا ويري اسان جو پيڇو ڪري اسان کي جان کان مارڻ لاءِ ڳولي رهيا آهن اسان انھي خوف کان دربدر آهيون. اسان ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ٿا ڪيون ته تحفظ فراهم ڪري اسان کي سڪون سان جيئڻ ڏنو وڃي ۽ حياتي بچائي وڃي.










