پوڻا 6 ارب جي گهپلي ڪيس ۾ 4 جوابدارن جي ضمانت منظور

پوڻا 6 ارب جي گهپلي ڪيس ۾ 4 جوابدارن جي ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ اطلاعات کاتي ۾ پوڻا 6 ارب رپين کان وڌيڪ اشتهارن ذريعي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ايڊورٽائيزنگ ڪمپني جي سربراهه انعام اڪبر سميت چئن جوابدارن جي ڏهه ڏهه  لک رپين جي ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت اهڙو حڪم جمعي تي ٻن سالن کان گرفتار انعام اڪبر، سيد نويد احمد، سلمان منصور ۽ عمر شهزاد پاران داخل ڪيل ضمانت واريون درخواستون منظور ڪندي ڏنو. عدالت ڄاڻايل جوابدارن جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪندي کين پاسپورٽ هاءِ ڪورٽ جي ناظر وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. انعام اڪبر ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيل شوڪت حيات پاران داخل ڪيل درخواستن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو  هو ته ڄاڻايل جوابدار 2018ع کان جيل ۾ آهن جڏهن ته ڪيس ۾ شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جي ضمانت ٿي چڪي آهي جنهن ڪري ڄاڻايل جوابدارن جي پڻ ضمانت منظور ڪئي وڃي. 

پهنجو تبصرو موڪليو