نواب ولي محمد(ن سنڌيار)ٽن ڏينهن کان 5 لاشن سوڌو ڌرڻي تي ويٺل وارثن ۽ پوليس ۾ ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون، ايس ايس پي امير سعود مگسي طرفان اڳ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي، وارثن جو چوڻ آهي ته جيسين عابد ۽ محسن زرداري گرفتار نه ٿيندا تيسين ڌرڻو ختم نه ٿيندو. پولي سچوي ٿي ته ڪيس داخل ڪريون ٿا گرفتاري لاءِ مهلت ڏيو. پوليس موجب اڳ ۾ طئي ٿيو هو ته پوليس تڪراري زمين تان قبضو ڇڏائي 800 مان 390 ايڪڙ زمين ڀنڊن جي ڌُر حوالي ڪندي، مقتولن جا وارث ڪيس ۾ ايم پي اي علي حسن زرداري جو نالو شامل نه ڪرڻ تي راضي ٿي ويا، عابد ۽ محسن زرداري سوڌو ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويندو. ڌرڻي وارن روڊ کولڻ تي رضامندي ظاهر نه ڪئي، سندن مطالبو آهي ته جوابدار گرفتار ٿيڻ تائين روڊ نه کولينداسين. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سيد سيد زين شاھ پاران پوري سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو هو. جڏهن ته سوڳ ۾ سڄي شهر جو ڪاروبار سومر تي به مڪمل طور بند پيل آهي ڌرڻي ۾ ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو، ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، رفيق ملاح، وڏيري نازو ڌاريجو، سنڌ عوامي سٿ جو سرواڻ ناليوارو شاعر مهر ڊٻائي، قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پ پ شهيد ڀٽو جي فيروزا لاشاري، پي ٽي آئي اڳواڻ عنايت رند، خادم حسين انڙ، ن ليگ اڳواڻ شفيق احمد آرائين نازو ڌاريجو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي جي يو آء اڳواڻ اسدالله کوڙو ايز لطيف پليجو جسقم جو سينيئر اڳواڻ ڪاڪو سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، جسقم آريسر جي سرمد ميراڻي، مقتولن جي وارثن حاجي ڀنڊ، خميسو خان ڀنڊ جي اڳواڻي 41ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري رهيو.










