پوليس ۽ رينجرز جو ڪورنگي ۾ گڏيل آپريشن، 8 شڪي گرفتار

پوليس ۽ رينجرز جو ڪورنگي ۾ گڏيل آپريشن، 8 شڪي گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي پوليس ۽ رينجرز ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات ڪورنگي چڪرا ڳوٺ ۾ گڏيل ڪومبنگ سرچ آپريشن ڪيو جنهن ۾ 8 شڪي ماڻهن کي تحويل ۾ ورتو ويو ايس ايس پي ڪورنگي طارق نواز ٻڌايو ته سرچ ڪومبنگ آپريشن ڏوهاري ماڻهن جي موجود هجڻ جي اطلاع تي ڪيو ويو آپريشن ۾ علائقي جي سمورن رستن کي سيل ڪيو ويو ته جيئن ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهن هن ٻڌايو ته آپريشن ۾ تلاش ڊوائيز جي ذريعي شڪي ماڻهن جو رڪارڊ پيش ڪيو ويو آپريشن ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڳري نفري سان گڏ ليڊي پوليس سرچرز به موجود هيون سرچ آپريشن دوران 8 شڪي ماڻهن کي تحويل ۾ ورتو ويو ڪرمنل رڪارڊ وارن ٻن اسٽريٽ ڪرمنلز کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا جڏهن ته سرچ آپريشن ۾ هڪ چوري ٿيل موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي وئي جيڪا پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏي هن ٻڌايو ته ڏوهارين جي پاڙ پٽڻ تائين وقفي وقفي سان سڄي ڪورنگي ۾ آپريشن جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو