پوليس کان تنگ ٿي شهري عدالت پهچي ويو

پوليس کان تنگ ٿي شهري عدالت پهچي ويو

دادو (ن سنڌيار) دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو، دوڪاندار پوليس خلاف عدالت پهچي ويو، عامر علي سومرو عدالت ۾ درخواست ڏيندي چيو آهي ته مرکپور ۾ لوڊ جو دوڪان آهي، ماءُ کي ڏيکارڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي کڻي اسپتال ويس پئي ته پوليس تذليل ڪئي، موٽر سائيڪل جا ڪاغذ هوندي گاڏي 550 ۾ چالان ڪئي، پوليس اهلڪار ڀتو ڏيڻ لاءِ منشيات جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين، هفتي کان گهران ناهيان نڪتو، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج نديم بدر قاضي جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي طلب ڪري ورتو ، عدالت چيو ته توهان شهرين کي تحفظ ڏيڻ بدران تنگ ڇو پيا ڪريو، عدالت ايس ايس پي دادو ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن کي نوجوان کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو