پوليس چڙهائي نوجوان کنڀي وئي، مائٽن جو احتجاج

پوليس چڙهائي نوجوان کنڀي وئي، مائٽن جو احتجاج

ميھڙ(غلام حسين پنھور) ڳوٺ سوڍاري تي پوليس چڙهائي ڪري نوجوان کي کنڀي وئي، ڳوٺاڻن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج، انصاف جو مطالبو. سوڍر برادري جي رھواسين  ارباب سوڍر ، وزير احمد سوڍر ، اعجاز احمد سوڊر ، رياض سوڍر پنھنجي وارثن عورتن شريفان بشيران، ثمينه پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ميھڙ، قاضي عارف ۽ فريدآباد ٿاڻن جي پوليس سميت 9 موبائلن ڳوٺ شيرو ڏيپر تي چڙهائي ڪري مقام تي دعا گھرڻ لا۽ ويل منھنجي پٽ نذير احمد عرف نظر سوڍر کي گرفتار ڪري ان مٿان 13 ڊي جو ڪيس داخل ڪيو آھي. ھنن ٻڌايو ته اسين غريب ۽ مسڪين آھيون ويلو کائڻ لا۽ پريشان آھيون. اسان جو ڇوڪرو ڪنھن بہ ڏوھ ۾ ملوث ناھي ان کي بلا جواز گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ھنن وڌيڪ چيو ته پوليس اھلڪار سوڍل سولنگي اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ منھنجي پٽن کي گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ارباب سوڍر چيو ته منھنجي پٽ جي بازيابي لاءِ پوليس اسان کان 50 ھزار رپيا گھري رھي آھي. ھنن چيو ته اسين غريب ۽ مسڪين آھيون اسين پيسا ڪٿان آڻيون جو پوليس کي ڏيون ھنن آ۽ جي سنڌ ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  پوليس خلاف ڪاروائي ڪري اسان جو گرفتار ٿيل نوجوان بازياب ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو