لکي غلام شاھ (نثارمنگي) پوليس سکر شڪارپور مين روڊ ڄامڙا اسٽاپ وٽ چيڪنگ دوران ايراني تيل سان ڀريل 2 ٽرڪن نمبر TKD. 665، TAB. 181 تي ڇاپو هڻي ڊرائيورن عبدالفتاح بروهي، عبدالقادر بروهي کي گرفتار ڪري ٽرڪن سميت لکي ٿاڻي پهچائي مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. لکي پوليس موجب ايراني تيل اسمگلنگ ڪندڙن 2 ٽرڪون جن مان 3 هزار ليٽر ايراني تيل سان ڀريل هٿ ڪيون آهن ۽ ٻن ڊرائيور کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










