پوليس پاران 2 نوجوانن کي کنڀڻ خلاف وارثن جو احتجاج

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) ڳوٺ رئيس محمد حيات اوڳاھي جي رھواسين مولانا محمد عالم، عبدالسبحان، محراب، عبدالسميع اوڳاھي ۽ ٻين پريس ڪلب اچي ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته 2 ڏينھن اڳ اسان جا 2 نوجوان نادر علي ۽ عبدالمنان ڳوٺ کان غوثپور پنھنجي امڙ جو علاج ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ ايس ايڇ او مولابخش بگٽي ٻنھي ڄڻن کي کنڀي کڻي ويو ۽ اڻ ڄاتل ھنڌ وڃي لڪايو. پوليس نوجوانن کان ھزارين روپيه روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل به ڪاھي ويئي آهي جنهن مان پوليس ناحق ھڪ نوجوان نادر علي کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي چالان ڪري ڇڏيو جڏھن ته عبدالمنان اڃان تائين گم آھي اسان کي شڪ آھي ته ڪنڌڪوٽ پوليس ان کي به ڪنھن نه ڪنھن ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي ڇڏيندي. نوجوانن جي وارثن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آھي ته واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو۔ ھوڏانھن ايس پي آفيس رابطو ڪيو ويو ته سندس ترجمان ٻڌايو ته گرفتار شخص نادر علي شڪي آھي ۽ ڪچي جي ڏوھارين سان سندن رابطا ٽريس ٿيا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو