پوليس موبائيل ۾ منشيات سپلاءِ، جوابدارن جي رمانڊ ۾ واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مقامي عدالت پوليس موبائل مان منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ گرفتار اهلڪارن جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ڪراچي جي بوٽ بيسن پوليس جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي سي آءِ اي ڄامشوري جي 6 اهلڪارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدارن جي رمانڊ ۾ 29 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي، پيشي جي موقعي تي جاچ آفيسر عدالت ٻڌايو ته حساس نوعيت جو ڪيس آهي، اصل ذميوارن تائين پهچڻ جي لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي، جنهن سلسلي ۾ جوابدارن کي وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي ۽ روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻو آهي ان ڪري جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي جاچ بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪندي رمانڊ ۾ واڌ ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ ڪانسٽيبل محمد يعقوب، غلام عباس، اعجاز علي، عبدالنصير، راحب حسين ۽ احمد نواز شامل آهن، جوابدار منشيات ڊيلنگ جي لاءِ ڪراچي آيا هئا، پوليس اهلڪار سرڪاري موبائل ۾ ڄامشوري کان منشيات کڻي آيا هئا ۽ منشيات اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ پوليس موبائل به ضبط ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو