پوليس مقابلي بعد 4 ڦورو گرفتار ۽ ڦر ڪيل ٽريڪٽر هٿ

سلطانپور(رپورٽ زاهد مهر) ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلو، جنهن ۾ پوليس هِڪ جوابدار کي زخمي ۽ ٽن کي گرفتار ڪرڻ سميت ڦرڪيل ٽريڪٽرهٿ ڪرڻ جي دعوا پڻ ڪئي آهي. پوليس موجب ڏوهاري ڦر ڪيل ٽريڪٽر کي هِڪ هنڌ کان ٻئي منتقل ڪري رهيا هئا ته گشت دوران پوليس پارٽي ڏسندي ئي کيس روڪڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هِڪ جوابدار زخمي جڏهن ته سندس ٽي ساٿي گرفتار ڪيا ويا. گرفتار ٿيلن وٽان هِڪ ڪلاشنڪوف ۽ ٽي ٽي پستول برآمد ٿيو آهي. جڏهن ته گرفتار ۽ زخمي ٿيندڙ جوابدارن جي سڃاڻپ، شهزادو، ورند، ورهيو ۽ عرس شنباڻي طور ٿي آهي. گرفتار زخمي جوابدار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار چوري، پوليس مقابلن سميت سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو