ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )ڪراچي جي اسٽيل ٽائون پوليس سومار ڳڙهه ۾ مقابلي دوران 4 زخمي ٿيلن سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڦر ٿيل 15 لک رپيا هٿ ڪيا ويا آهن.ايس ايس پي ملير عرفان بهادر موجب گرفتار جوابدارن وٽان 5 پستول ۽ 15 لک رپيا ڦر ٿيل رقم هٿ ڪئي وئي آهي.6 فيبروري تي گلشن حديد ۾ پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڊڪٽي گروپ 47 لک رپيا ڦر ڪيو هو.مقابلي ۾ زخمي ٿيلن ۾ محمد سجاول، امير خان، محمد شاهد، محمد صابر ۽ غلام محمد شامل آهن.گرفتار جوابدارن جا 2 ساٿي شعيب ۽ معين موقعي تان فرار ٿي ويا.ايس ايس پي عرفان بهادر موجب زخمي جوابدارن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.جاچ دوران جوابدارن شاهه لطيف ٽائون، بلديا ٽائون، سعيد آباد، اورنگي ٽائون ۽ ڪراچي جي ٻين علائقن ۾ وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي.










