اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينئر صحافي زاهد کوکر جي ضلعي ٺٽو ۾ واقع فش فارم تي قبضي خلاف ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد پوليس ڪاروائي ڪندي قبضو خالي ڪرائي ورتو. زاهد کوکر ڊيلي سنڌيار ڊاٽ ڪام کي ٻڌايو ته حاجي علي حسن زرداري جي چرچ تي سندس واٺن نظير خشڪ ۽ حميد پنهور هٿيار بند وٺي سندس فش فارم ۽ ان تي اڏيل اوطاق تي قبضو ڪيو هو. ضلعي ٺٽو جي تعلقي ميرپور ساڪرو جي ديهه پير جهاڙيون ۾ واقع چئن ايڪڙن تي مشتمل فش فارم تي هٿياربند ويهاريا هئا. جنهن بعد مون سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي فوري نوٽيس وٺي ڪاروائي لاءِ درخواست ڏني ۽ چيئرمين سينيٽ کي به درخواست ڏنم، جنهن تي چيئرمين سينيٽ معاملو ايوان جي داخلا بابت قائمه ڪميٽي حوالي ڪندي آءِ جي سنڌ کان جواب طلبي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن بعد ٺٽو پوليس جاءِ واردات جو دورو ڪري قبضو خالي ڪرايو آهي. زاهد کوکر ٻڌايو هن زيڪ ٽي وي نالي پنهنجي يو ٽيوب چينل تي ڪجهه ڏينهن اڳ حاجي علي حسن زرداري جي ڪرپشن بابت اسٽوري ڪئي هئي جنهن تي هو ڏمريل هو. هوڏانهن فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي نائب صدر لالا اسد پٺاڻ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسين سينئر صحافي جي ملڪيت تي قبضي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ جيڪڏهن قبضا گيرن ڪو وڌيڪ قدم کنيو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.










