ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)پوليس سنڌ جي مشھور فنڪاره خوشبو لغاري کي اغواٿيڻ کان بچائي ورتو. ڌاڙيلن کيس فون تي محفل لاءِ گهرايو هو، ايس ايس پي ڪشمور جي ترجمان ٻڌايو آهي ته ڪچي جي علائقي ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ رھندڙ ڌاڙيلن پاران سنڌ جي مشھور فنڪاره خشبو لغاري کي ڪنهن پروگرام لاءِ بڪ ڪيو هو. ايس ايس پي آفيس ڌاڙيلن ۽ فنڪارا ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ٽريس ڪئي جنهن بعد فنڪارا جي والد محمد يوسف لغاري سان رابطو ڪري کين خبردار ڪيو ويو. جنهن پوليس جو شڪريو ادا ڪيو.










