ڪراچي(دريا خان شر) سنڌ پوليس جي ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي580 سب انسپيڪترن جا ڪيس ترقي لاءِ غور هيٺ آڻڻ بعد طئي ڪيل معيار مطابق 358 سب انسپيڪٽرن کي انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي آهي، جن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. 25 صفحن تي مشتمل اهو نوٽيفڪيشن سنڌيار وٽ موجود آهي. ترقي حاصل ڪندڙن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جا سب انسپيڪٽر شامل آهن. ايديشنل آءِ جي اسٽيبلشمينٽ آفتاب پٺاڻ جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڊي پي سي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر عبدالخالق شيخ، ڊي آءِ جي اسٽبليشمينٽ خادم حسين رند، دي آءِ جي ايڊمن عاصم خان ۽ اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ عمران قريشي ميمبر هئا تن اه منظوري ڏني آهي ۽ آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي منظوري بعد عمران قريشي جي صحيح سان چار آڪٽوبر جي تاريخ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته موٽر وي، اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آءِ اي ۾ ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙ 13 سب انسپيڪٽرن جو مشروط پروموشن ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن هو 3 مهينن ۾ پوليس کاتي ۾ واپس آيا ته ترقي جا حقدار هوندا. 9 سب انسپيڪٽرن جا ڪيس رويو بورڊ لاءِ ڊيفر ڪيا ويا آهن. 172 سب انسپيڪٽرن جي ترقي مختلف سببن جي ڪري روڪي وئي آهي. ٽريننگ ۽ ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندڙ 28 سب انسپيڪٽرن جي ترقي ڄم جي تاريخ ۾ فرق ۽ ٻين سبب جي ڪري جاريڪيل عدالتي حڪمن سبب روڪي وئي آهي. ايديشنل آءِ جي اسٽيبلشمينٽ آفتاب پٺاڻ جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڊي پي سي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر عبدالخالق شيخ، ڊي آءِ جي اسٽبليشمينٽ خادم حسين رند، دي آءِ جي ايڊمن عاصم خان ۽ اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ عمران قريشي ميمبر هئا تن اه منظوري ڏني آهي ۽ آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي منظوري بعد عمران قريشي جي صحيح سان چار آڪٽوبر جي تاريخ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته موٽر وي، اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آءِ اي ۾ ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙ 13 سب انسپيڪٽرن جو مشروط پروموشن ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن هو 3 مهينن ۾ پوليس کاتي ۾ واپس آيا ته ترقي جا حقدار هوندا. 9 سب انسپيڪٽرن جا ڪيس رويو بورڊ لاءِ ڊيفر ڪيا ويا آهن. 172 سب انسپيڪٽرن جي ترقي مختلف سببن جي ڪري روڪي وئي آهي. ٽريننگ ۽ ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندڙ 28 سب انسپيڪٽرن جي ترقي ڄم جي تاريخ ۾ فرق ۽ ٻين سبب جي ڪري جاريڪيل عدالتي حڪمن سبب روڪي وئي آهي.










